سنهڙو سائين

سنهڙو سائين: بزرگ ميان ابو بڪر، عرف ’سنهڙو سائين‘ ميان عبدالمجيد انڍڙ جو فرزند هو، جنهن جي درگاهه ۽ مدرسو ڳوٺ ميان صاحب تعلقي پني عاقل ۾ مشهور هو، جيڪو ڪافي سال اڳ درياهه پائي ويو. ميان ابوبڪر باڪمال عالم، زهد ۽ تقوى جو صاحب هو. گهوٽڪيءَ جي مدرسي مان مولانا قمرالدين بکراڻي انڍڙ کان ديني تعليم حاصل ڪيائين. پنهنجي ناني ميان محڪم الدين جي هٿ تي بيعت ڪري سهروردي سلسلي ۾ داخل ٿيو. زندگيءَ جو ڳچ حصو روزي جي حالت ۾ گذاريائين. چون ٿا ته سال جا پنج ڏينهن ڇڏي، جن ۾ روزي رکڻ جي شرعي منع ٿيل آهي، باقي سمورا ڏينهن روزا رکندو هو. جنهنڪري بدن ڪمزور هئڻ ڪري کيس ’سنهڙو سائين‘ سڏيندا هئا. سادگي ۽ عبادت ۾ زندگي گذاريائين. نذراني ۾ ملندڙ هر شيءِ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. ميان فتح الدين ۽ ڀونگ شريف جو انڍڙ سردار غازي محمد خان سندس خاص خليفا ٿي رهيا. ميان صاحب 70 سالن جي ڄمار ۾ 23 اپريل 1953ع تي وفات ڪئي، سندس مزار رستم لڳ درگاهه قبو حاجي، ضلعي شڪارپور ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو